ٽن ججن واري سُپريم ڪورٽ جي بينچ اَڄ کان وٺي ايوڌيا زميني تڪرار واري معاملي ۾ سُنوايون ڪندي

 

 

سُپريم ڪورٽ اَڄ کان وٺي اُنهن عريضين جي سُنوائي ڪندي، جن ۾ ايوڌيا جي زمين جي تڪرار واري معاملي ۾ اللهاباد هاءِ ڪورٽ جي فتوا کي للڪاريو ويو آهي. اِن بالا ترين ڪورٽ سومر ڏينهن جسٽس ديپڪ مِصرا جي سربراهيءَ ۾ ٽن ججن واري بينچ جوڙي جيڪا ڪيس جي سُنوائي ڪندي. ٻيا ٻه جج آهن : جسٽس اشوڪ ڀوشڻ ۽ جسٽس عبدل نذير. اُهي درخواستن جون سُنوايون ڪري رام مندر – بابري مسجد واري زمين جي مالڪيءَ بابت تڪرار متعلق فيصلو ڏيندا. الاهباد هاءِ ڪورٽ جي لکنؤ واري بينچ 2010 ۾، ايوڌيا ۾، واسطيدار 2.77 ايڪڙ زمين ٽِن ڌرين کي برابر-برابر حصي ۾ ورهائي ڏيڻ لاءِ چيو هو