آمريڪي صدر، اُتر ڪوريا کي ٻيو سخت چتاءُ ڏنو آهي، چين ضابطي کان ڪم وٺڻ لاءِ چيو آهي

آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ، ڪلهه چيو ته جيڪڏهن، اُتر ڪوريا بي عقلي ڪئي ته پوءِ پوُري فوجي تياري آهي

ٽرمپ، اُتر ڪوريا کي چتايو ته اُهو جيڪڏهن، آمريڪا جي سَرزمين تي حملو ڪرڻ جو رُڳو سوچيندو به، ته اُن جا بيحد گنڀير نتيجا نڪرندا

اِهو چتاءُ اِن کان پوءِ ڏنو ويو آهي، جو اُتر ڪوريا چيو آهي ته اُهو، پئسفِڪ جي ايراضي گوئام تي مِسائيلن سان حملو ڪرڻ جي رِٿا تيار ڪري رهيو آهي. اِن وچ ۾ بيجنگ، آمريڪا ۽ اُتر ڪوريا کي، ضابطي کان ڪم وٺڻ لاءِ چيو آهي ۽ ٻنهي کي زور ڀريو آهي ته سوچي سمجھي پنهنجا لفظ چئو ۽ قدم کڻو