اِقتصادي سَروي ڀاڱي ٻئين ۾ قبول ڪيو ويو آهي ته هِن مالي سال ۾ 7.5 سيڪڙو واڌاري جو مقصد حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي

سال 17-2016 واسطي جمع ڏينهن پارليامينٽ ۾ اِقتصادي سَروي جو ڀاڱو ٻيون پيش ڪيو ويو. اُن ۾ چيو ويو آهي ته اڳ ۾ ظاهر ڪيل پوڻا ست کان ساڍا ست سيڪڙو جو واڌارو حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته رُپئي جو ملهه وڌيو آهي، هارين جا قرض معاف ڪيا ويا آهن ۽ مال ۽ خذمتن واري ڍل کي عمل ۾ آڻڻ ۾ شروعاتي للڪارون درپيش اچي رهيون آهن

سَروي ۾ البت، مختلف عناصرن جي بنياد تي، ڀارتي اِقتصاديت ۾ بنيادي ڍانچي جي سُڌارن جي معاملي ۾ آشا ظاهر ڪئي ويئي آهي. اِن دستاويز ۾ اِهو پڻ چيو ويو آهي ته اِقتصادي جٽاداريءَ ۾ ائتقاد وڌي رهيو آهي، جو سرڪار ۽ ڀارتي رزرو بئنڪ ڪيترا قدم کنيا آهن

البت، سَروي ۾ آگاه ڪيو ويو آهي ته اڃا ڳڻتيءَ جو سبب آهي، ڇو جو ناڻي جي بيجاءِ ڦهلاوَ کي روڪڻ جا اُپاوَ پوري رفتار پڪڙڻ ۾ پوئتي آهن

سَروي ۾ چيو ويو آهي ته ڪجھ سالن جي ڀيٽ ۾، اڄ تيل جو مارڪيٽ بيحد ڏکيو آهي