بِمسٽيڪ جي 15 وزيرن جي ميٽنگ ڪاٺمانڊوءَ ۾ پوري ٿي

گھڻن حلقن ۾ تڪنيڪي ۽ اِقتصادي سهڪار متعلق بنگال جي اُپسمنڊ جي ڪِناري وارن مُلڪن جي وزيرن جي 15 ميٽنگ ڪلهه ڪاٺمانڊوءَ ۾ پوري ٿي

ميٽنگ کان پوءِ جاري ڪيل گڏيل بيان ۾، ميمبرَ ڀائيواريءَ جون ڪوششون تيز ڪرڻ تي رضامند ٿيا ته جيئن، گُروپ جا طئه ڪيل مقصد حاصل ڪري سگھجن ۽ اِن لاءِ اُنهن، بِمسٽيڪ کي وڌيڪ مضبوط ۽ اَثرائتو بڻائڻ جو عهد ڪيو

ميمبرن، اِن جي پڻ وري تصديق ڪئي ته 2016 ۾ گوئا ۾ آرام دؤران، اڳوانن طرفان طئه ڪيل عمل جي ايجنڊا کي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪيون وينديون

اُهي، تجارت ۽ سيڙپ ۾ وڌيڪ تعاون تي زور ڏيڻ تي پڻ رضامند ٿيا آهن. پرڏيهي وزيرن، بِمسٽيڪ کي جوڙيندڙ گرِڊ قائم ڪرڻ بابت تيار ڪيل مفاهمت جي ڇٺي تي پڻ تسلي ظاهر ڪئي، جيڪو صحيءَ واسطي تيار ٿيل آهي