راجيه سڀا، پنهنجي نئين چئرمئن وئنڪيا نائڊوُءَ جو خيرمقدم ڪيو

راجيه سڀا، پنهنجي نئين چئرمئن وئنڪيا نائڊوُءَ جو خيرمقدم ڪيو. هُن ڪلهه اِن عهدي جي واڳ ورتي. وزير اعظم نريندر موديءَ، کيس مُبارڪون ڏيندي چيو آهي ته شري نائڊو، هيٺئينءَ منزل کان مٿي آيو آهي ۽ ڀارتي سياست کي وڏين بلندين تي پهچائيندو. هُن چيو ته شري نائڊوءَ، آزاد ڀارت ۾ هڪ هاريءَ جي گھر ۾ جنم ورتو آهي ۽ پارليامينٽ جي لنبي آزمودي جي آڌار تي، هِن اعليٰ عهدي تي پهتو آهي. وزير اعظم چيو ته پرڌان منتري گرام سڙڪ يوجنا، شري نائڊوءَ جي پيش قدمي آهي

مخالف اڳوان غلام نبي آزاد چيو آهي ته چئرمئن جي عهدي لاءِ شري نائڊوءَ جي چونڊ، ملڪ جي جھموريت ۽ آئين جي سوڀ آهي. هُن ياد ڏيارو ته شري نائڊو، وديارٿيءَ جي ڏينهن کان وٺي سماجي زندگيءَ ۾ سرگرم رهيو آهي

آل اِنڊيا اَنا دراوِڙ مُنِتر ڪَڙگم جي نَوِنيِت ڪرشنن چيو ته شري نائڊوءَ ۾، ملڪ جي هرهڪ علائقي جي ماڻهن کي ڳنڍڻ جي قابليت آهي