سُشما سوَراج، ڊوڪلام جموُد جي هلندي، ڀوتان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي

پرڏيهي وزير سُشما سوَراج ڪلهه ڪاٺمانڊوءَ ۾، بِمسٽيڪ ميٽنگ دؤران ڀوتان جي ثاني دامچو دورجيءَ سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳوانن ڪهڙي گفتگو ڪئي، اِن بابت سرڪاري طور ڪجھ به نه چيو ويو آهي. ٻئي اڳوان، بِمسٽيڪ جي پرڏيهي وزيرن جي ميٽنگ جي سلسلي ۾ ڪاٺمانڊوءَ ۾ هئا