شيئر بزاريون ڪِري رهيون آهن

ڀارت جون شيئر بزاريون سانده پنجين ڏينهن تي ڪلهه به ڪِريون. نفي عالمي ماحول ۽ ڪمزور رُپئي جي ڪري، ممبئي شيئر بزار جو اِنڊيڪس 318 نقطا گھٽجي 31214 تي پهتو

شيئر بزارين ۾ اِن ڪري به گِراوٽ آئي، جو اِقتصادي سَروي ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي ته هِن سال پوڻا ست کان ساڍا ست سيڪڙو واڌارو حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي. قومي شيئر مارڪيٽ پڻ 109 نقطا گھٽجي 9711 تي پهتو