پئنل: پاڪستان، دهشتگرديءَ واسطي ناڻو ڏيئي، ڪشمير ماٿريءَ ۾ غيرجٽاداري آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي

پارليامينٽري پئنل جو چوڻ آهي ته ڪشمير جي ڪِن حصن تي غيرقانوني نموني قبضو ڪرڻ کان پوءِ، پاڪستان، دهشتگرديءَ واسطي ناڻو ڏيئي ڪشمير ماٿريءَ ۾ غيرجٽاداري آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي

پرڏيهي معاملن واري ڪاميٽيءَ ڪلهه پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڪشمير ماٿريءَ ۾، اِنساني حقن جي اِنحرافيءَ جا بي بنياد اِلزام لڳائي، اُهو، ڀارت جي صوُبي ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڪوڙو پرچار ڪري رهيو آهي

ڊا. ششي ٿروُر جي اڳوانيءَ واري ڪاميٽيءَ جو اِهو پختو رايو آهي ته جيڪڏهن، پاڪستان سِڌو نه ٿئي ته پوءِ وقت آيو آهي ته ڀارت، گِلگِٽ ۽ بالٽستان سميت والاريل ڪشمير تي پنهنجو حق ڇِڪي. رپورٽ م چيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير مان ٿي ويندڙ چيِن، پاڪستان اِقتصادي رستو تيار ٿيڻ جي مدنظر، اِهو هاڻي وڌيڪ ضروري آهي