پرڏيهي معاملن جي وزير سُشما سوَراج چيو آهي ته ڀارت، جُملي ترقيءَ واسطي ڄاتو ويندو آهي

پرڏيهي معاملن جي وزير سُشما سوَراج چيو آهي ته ڀارت نه رُڳو بُردبار ۽ ڪامياب جھموريت واسطي، پر جُملي ترقيءَ واسطي ڄاتو ويندو آهي

ڪاٺمانڊو ۾ ڪلهه شام ڀارتي سفارتخاني ۾، آزاديءَ جي 70 سالن جي موقعي تي ڪيل خاص پروگرام ۾ ڳالهائيندي، هُن چيو ته آزاديءَ کان وٺي، ڀارت جي هرهڪ وزير اعظم ملڪ جي ترقيءَ ۾ حصو ڏنو آهي

شريمتي سوَراج چيو ته ڀارت جو وزير اعظم چاهي ٿو ته پاڙيسڙي ملڪن کي پڻ، ڀارت جي ترقيءَ جو فيض رَسي. هُن چيو ته نيپال، جھموري طريقي واري سرڪار قائم ڪئي آهي ۽ ڀارت اُن جي ڪاميابيءَ واسطي شُب ڪامنائون ٿو ڏئي

نيپال جو وزير اعظم شير بهادُر ديئوبا، اِسپيڪر اونساري گهرتيِ، اڳوڻو وزير اعظم پشپ ڪمل دهال، ڀارتي سفير منجيت سنگھ پُري، فنڪارا منيشا ڪوئرالا، سينئر اڳوان ۽ ٻيون شخصيتون موقعي تي حاضر هُيون. اِن وچ ۾، شريمتي سوَراج، ڪاٺمانڊو جو ٻن ڏينهن جو دؤرو پورو ڪري ڪلهه رات نئي دهلي پهتي