چوماسي وارو اِجلاس پورو ٿيو. پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن کي اڻ ڄاڻايل مُدي لاءِ برخُواست ڪيو ويو

چوماسي وارو اِجلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ، پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن کي اڻ ڄاڻايل مُدي لاءِ برخُواست ڪيو ويو. لوڪ سڀا اِسپيڪر سُمِترا مهاجَن ايوان کي برخُواست ڪندي چيو ته هِن اِجلاس ۾ 19 بئٺڪون ٿيون، جيڪي 71 ڪلاڪ هليون. هُن چيو ته اِن عرصي دؤران ايوان، گرانٽ جون واڌو طلبون ۽واڌو گرانٽ جون طلبون بحال ڪيون

هُن چيو ته چوماسي واري اِجلاس دؤران 17 بِل پيش ڪيا ويا ۽ 14 بِل بحال ڪيا ويا. هُن اِهو پڻ چيو ته رُخنن جي ڪري 30 ڪلاڪ ضايع ٿيا. سُوالن واري ڪلاڪ کان پوءِ اِسپيڪر، ايوان کي اڻ ڄاڻايل مُدي لاءِ برخُواست ڪيو

راجيه سڀا کي پڻ جمع ڏينهن اڻڄاڻايل مُدي لاءِ برخُواست ڪيو ويو. نئين چئرمئن وئنڪيا نائڊوءَ واڳون وٺڻ کان پوءِ، شُڪرانن جي تقرير ڪندي ايوان کي برخُواست ڪيو. شري نائڊوءَ ميمبرن کي خاطري ڏني ته هوُ، هرهڪ ميمبر کي پورو وَجھ ڏيندو