ريلوي وارا، اڄ کان ڪيتريون نيون ريل گاڏيون هلائيندا

ريلوي وارا، هِن هفتي الڳ الڳ رستن تي ڪيتريون نيون ريل گاڏيون هلائيندا. اُتر پرديش، اوڙيسا، بِهار، پنجاب، دهلي، مڌيه پرديش، مهاراشٽرا، گجرات ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي هزارين مسافرن کي اِن مان فائدو ٿيندو

ريلوي وزير سُريش پرڀو، نئي دهليءَ مان ويڊيو ڪانفرنس ذريعي اڄ ڪِن ٽرينن جو اِفتتاح ڪندو ۽ ڪِن ريل سيوائن جو سُڀاڻي ممبئيءَ مان مهوُرت ڪندو