سرڪار پاڻيءَ جي ڄار ۽ قومي شاهراهن ساڻ هوائي پٽين تي خاص ڌيان ڏيندي : گڊڪري

مرڪزي وزير نتِن گڊڪري چيو آهي ته ڳوٺاڻي ايراضين ۾ ايِ-آٽورڪشائن کي عام نما ڪرڻ، توانائي واري ڄار وانگر پاڻيءَ جو ڄار جوڙڻ ۽ 17 شاهراهن ساڻ هوائي پٽين جوڙڻ کي سرڪار اڳرائي ڏئي رهي آهي ۽ اُنهن تي هن سال ئي ڪم شروع ٿيندو

گذريل هفتي ڪابينه جي ڦيربدل کانپوءِ پاڻيءَ وارن وسيلن، نديءَ جي اوسر ۽ گنگا کي نئين زندگي بخشڻ وارن واڌو عهدن جي واڳه سنڀالڻ کانپوءِ پي.ٽي.آءِ. کي هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته هُن جي ڪُلهن تي هڪ ٻي وڏي جوابداري رکي ويئي آهي ته گنگا کي سانده وهندڙ ۽ صاف پاڻي ميسر ڪندڙ بڻايو وڃي

عوامي آمدرفت لاءِ بجلي واهڻ هينئر وقت جي اَهم ضرورت آهن. اَسان اِن لاءِ پاليسي جوڙي رهيا آهيون. اَسان جو زور ڳوٺن ۾ آمدرفت لاءِ بجلي آٽو-رڪشائن ۽ ٻين اَهڙن واهڻن تي آهي جيڪي لِٿيم آئن بئٽري تي آهن

اسانجو ٻيو زور توانائي ڄار وانگر ندين تي بيٺل بجليءَ جو ڄار ڦهلائڻ تي آهي، جنهن مان پئدا ٿيندڙ بجلي بين اُل-صوُبائي بجلي موڪلڻ واري سرشتي معرفت موڪلي ويندي