قرض واپس نه چڪائيندڙ وڏن قرضدارن کان قرض جي ادائگي ڪرائڻ لاءِ ڏيوالپڻي واري راه اَپنائي ويندي : مالي وزير اَروڻ جيٽلي

مرڪزي مالي وزير اَروڻ جيٽلي چيو آهي ته وڏا قرضدار بئنڪن جي وڏن مالي وسيلن کي نِڪمو بڻائڻ لاءِ جوابدار آهن. پُڻي ۾ ڪلهه پُڻي جي ضلعا مرڪزي تعاون واري بئنڪ جي صد سالا جي موقعي تي ڳالهائيندي شري جيٽلي چيو ته وڏن قرضدارن کان قرض واپس وصول ڪرڻ هڪ وڏي للڪار آهي

هُن چيو ته ننڍا قرض جيڪي زرعي يا ننڍن ڌنڌن لاءِ يا خود مُدرا رٿا تحت حاصل ڪيا ويا هئا، اهڙا نه واپس ڪندڙ قرضدار ٿورا آهن