ڄمون ۽ ڪشمير جي پوليس وارن لاءِ گولين کان بچاءُ ڪندڙ واهڻن لاءِ ناڻو ميسر : راجناٿ سنگھ

مرڪز ڄمون ۽ ڪشمير پوليس وارن لاءِ گولين کان بچاءُ ڪندڙ واهڻن جي خريدي لاءِ ناڻو ميسر ڪيو آهي. مرڪزي وزير داخلا راجناٿ سنگھ جنوبي ڪشمير جي اَننتناگ ضلعي ۾ پنهنجي چئن ڏينهن واري صوُبائي دوري جي ٻئين ڏينهن آرتوار تي پوليس عملدارن سان ڳالهائيندي اِها ڳالهه چئي

اِها پڌرائي جوُن ۾ اَننتناگ جي اَڇبال ايراضيءَ ۾ هڪ ايس.ايڇ.او. سوُڌو ڇهن پوليس وارن جي مارجي وڃڻ جي مدنظر ڪئي. ايس.ايڇ.او.، خبرن مطابق اَهڙو گولين کان بچاءُ ڪندڙ واهڻ گھريو هو جو هُن کي دهشتگردن کان خطرو هو پر هُن کي اهڙو واهڻ  ميسر نه ڪيو ويو هو

مرڪزي وزير داخلا اِهو به چيو ته مرڪز ماٿريءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي للڪاريندڙ حالتن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سندس ساراه ڪندي چيو ته مرڪز، پوليس وارن لاءِ، حادثي يا تشدد وارين حالتن دوران ٿيل زخمن جي علاج لاءِ مرڪز برپا ڪرڻ لاءِ ناڻو منظور ڪيو آهي