راجناٿ سنگھ : پاڪستان کي ضابطي واري لِيڪ لڳ جلد ئي جنگبنديءَ جون اِنحرافيون بند ڪرڻيون پونديون

مرڪزي گھرو وزير راجناٿ سنگھ چيو آهي ته پاڪستان کي ضابطي واري لِيڪ لڳ، جلد ئي جنگبنديءَ جون اِنحرافيون بند ڪرڻيون پونديون. ڄمون علائقي ۾ ضابطي واري لِيڪ جي لڳولڳه رجؤڙي ضلعي جي نؤشيري ۾ هڪ عام سڀا ۾ ڳالهائيندي مرڪزي وزير چيو ته ڀارت وڌيڪ ۽ وڌيڪ طاقتور بڻجندو ٿو وڃي ۽ ڀارت طرف دنيا جو نظريو گھڻو بدليو آهي. هُن چيو ته جيتوڻيڪ، ڀارت پاڙيسري مُلڪن سان اَمن قائم رکڻ لاءِ قؤلٻڌو آهي، تڏهن به سرحدن تي ڪنهن به قسم جي هٿ چُراند جو سلامتي فوجون مناسب جواب ڏينديون

مرڪزي گھرو وزير ڪلهه شام ڄمون پهتو، جتي هُن، ڄمون علائقي جي 18 سفارتن سان ميٽنگ ڪئي. صوُبي جو چئن ڏينهن جو دورو پورو ڪرڻ کان اڳه ۾ اڄ مرڪزي گھرو وزير، ڄمون ۾ مختلف سياسي پارٽين جي سفارتن سان گڏجندو