سُشما : سِنٽ مارٽن مان ڀارتي باشندن کي ٻاهر ڪڍڻ اسان جي اوليت آهي

ڀارت سرڪار، طوفان جي چپيٽ ۾ آيل ڪيريبيائي ٻيٽ سِنٽ مارٽن مان، ڀارتيه باشندن کي ڪڍڻ جو بندوبست ڪيو آهي. پرڏيهي معاملن جي وزير سُشما سوراج گذريل رات هڪ ٽوِيٽ ۾ چيو ته سِنٽ مارٽن ٻيٽ مان ڀارتيه باشندن کي ڪڍڻ اسان جي اوليت آهي

فرانس ۽ نيدرلئنڊ گڏجي سِنٽ مارٽن جو راڄ ڪاروبار سنڀاليندا آهن، اُهو اِرما نالي طوفان جي رستي ۾ پئي پيو اِن ٻيٽ ۾ طوفان سبب زبردست نقصان ٿيو آهي ۽ گھڻي تباهي ٿي آهي