نائب صدر وئنڪيا نائڊو، نئي دهليءَ ۾ ڪمڀ ميلي جي ڊاڪيومينٽري فلم جو اِفتتاح ڪيو

نائب صدر ايم. وئنڪيا نائڊو چيو ته مُلڪ ۾ ماڻهو، خاص ڪري نئين پيڙهي ڀارت جي ثقافت، رسمن يا قدرن ۽ اِتهاس کان پوُري طرح واقف ٿين. سومر ڏينهن نئي دهليءَ ۾ ڪمڀ ميلي تي ٺهيل هڪ ڊاڪيومينٽري فلم جو اِفتتاح ڪرڻ کانپوءِ هُن گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪيو. هُن چيو ته ڪمڀ ميلو ظاهر ٿو ڪري ته ڀارت دنيا جي روحاني راڄڌاني آهي ۽ اِهو اهڙو موقعو آهي جڏهن ماڻهن وچ ۾ وڏو روحاني ميل ميلاپ قائم ٿئي ٿو