ٻارهان (12) تاملناڊو مهاڻا، سريلنڪا جي بحري فوج پاران گرفتار

تاملناڊو ۾، ڪلهه رات راميسورم جي سامونڊي ڪناري وٽان، 12 مهاڻن کي بين اَل قوامي سامونڊي سرحد پار ڪرڻ ڪري، سريلنڪائي بحري فوج گرفتار ڪيو آهي. مهاڻن جي جماعت جي پريزيڊنٽ، ايس. ايمِرت رپورٽرن کي ٻڌايو ته مهاڻن کي ڪچوٿيوو ٻيٽ تان مڇي پڪڙڻ ۽ پوءِ تلائمنار ڏانهن کڻي اچڻ وقت گرفتار ڪيو ويو. هُن چيو ته هُنن جون ٻيڙيون به قبضي ڪيون ويون آهن