ڀارت ۽ بيلارُس، پيشيور تعليم ۽ هُنرمندي وڌائڻ ۾ ڀائيواري وڌائڻ بابت سوچ ويچار ڪيو

ڀارت ۽ بيلارُس، سومر ڏينهن، پيشيور تعليم ۽ هُنرمندي وڌائڻ ۾ ڀائيواري وڌائڻ بابت سوچ ويچار ڪيو. بيلارُس جو تعليم وزير ڪارپينڪااِهر نئي دهليءَ ۾ هُنرمندي وڌائڻ ۽ ڪارخانيداريءَ جي وزير ڌرميندر پرڌان ملاقات ڪئي ۽ پيشيور تعليم جي حلقي ۾ پنهنجي مُلڪ جي مهارت تي روشني وڌائين. هُن اِهو پڻ ٻڌايو ته اُتي ڪيترا اِدارا آهن جيڪي اِليڪٽرانڪ واهڻ جي مرمت ۽ سار سنڀال جي ٽريننگ ڏيندا آهن

ميٽنگ دوران شري پرڌان، سيکراٽن کي تربيت ڏيندڙن کي تيار ڪرڻ تي پڻ روشني وڌي، جنهن لاءِ 50 موجوده اِدارن جو درجو سڌارو پيو وڃي. ٻنهي ڌرين پيشيور توڙي تڪنيڪي تعليم ۾ تعاون چالو رکڻ جو پڻ عهد ڪيو