روهنگيا موضوع تي يوُ.اين. اِنساني حقن جي اِداري پاران نِندا تي ڀارت اَفسوس ظاهر ڪيو

روهنگيا پناهگيرن کي واپس موڪلڻ جي ڀارت سرڪار جي رٿا تي، اِنساني حقن تي متحد جماعت هاءِ ڪمشنر پاران نڪتهه چيني ڪرڻ جي ٻئين ڏينهن تي، يوُ.اين. ڏانهن ڀارت جي دائما عيوضي سعيد اَڪبروُدين منگل ڏينهن چيو ته عمل ۾ ايندڙ قاعدي قانون کي، همدردي جي اَڻاٺ ڪري ڪونه ليکڻ گھرجي ۽ اَفسوس ظاهر ڪيو ته متحد جماعت اِدارو، دهشت جي مرڪزي رول کي نظر اَنداز ڪري رهيو آهي. هُن زور ڏيندي چيو ته سلامتي جي للڪارن کي ڌيان ۾ رکندي، ڀارت کي بي قاعدي ايندڙ پناهگيرن تي ڳڻتي ٿي رهي آهي

اِنساني حقن جي ڪٿ، سياسي سهنجي موضوع ڪونه هئڻ گھرجي. هڪ خبرچار ايجنسي اَڪبروُدين جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان جو عقيدو آهي، اِنساني حقن جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ آهي