وزير اَعظم، وزيرن کي ڀارت کي صاف بڻائڻ لاءِ چيو

منگل ڏينهن وزير اَعظم نريندر مودي، پنهنجي وزيرن جي ڪائونسل کي ڀارت کي صاف بڻائڻ ۽ 15 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ 15 ڏينهن جي سوڇتا هي سيوا کي مُلڪ ڀر ۾ ڪامياب بڻائڻ لاءِ چيو آهي. صفائي ڪارروائي صاف ڀارت مِشن جي ٽئين سالگره تي، 15 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر درميان، مُلڪ ڀر ۾ ملهائي ويندي، جنهن ۾ صفائيءَ کي هر هڪ جي ذميواري بڻائي ويندي

اِها صلاح ڏني ويئي آهي ته عوامي ۽ سيلاني هنڌن، مارڪيٽن، اِسپتالن ۽ بس اَڏن جي صفائيءَ جو وسيع پرچار شروع ڪيو وڃي ۽ وزيرن کي اَپيل ڪئي آهي ته سوڇ ڀارت ۾ عوام جي يوگدان ۾ تيزي آندي وڃي