ڀارت جپان سالياني سمِٽ لاءِ جپاني وزير اَعظم شِنزو آبي اَڄ اَحمدآباد پهچندو، وزير اَعظم نريندر مودي سندس مرحبا ڪندو

وزير اَعظم نريندر مودي اَڄ گجرات ۾ پنهنجي جپاني ثاني شِنزو آبي جي اَحمدآباد ۾ مرحبا ڪندو. شري آبي ڀارت جپان سالياني گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ، ٻن ڏينهن جي ڀارت ياترا تي اَچي رهيو آهي. گڏجاڻيءَ جو 12 دؤر سڀاڻي گانڌينگر ۾ ٿيندو. شري مودي ۽ شري آبي منجھ سڀاڻي چوٿين گڏجاڻي آهي

ٻئي اَڳوان خاص حڪمت عملي ۽ عالمي ڀائيواري تي، ڀارت ۽ جپان جي وچ ۾ ٻنهون طرفي سهڪار ۾ ٿيل واڌاري جو جائزو وٺندا ۽ اِنهيءَ جي مستقبل راه کي مقرر ڪندا

شري مودي ۽ شري آبي، اَحمدآباد ۽ ممبئي منجھ پهرين تيز رفتار واري ريل ڪم کي شروع ڪرڻ لاءِ هڪ جلسي ۾ شريڪ ٿيندا

اَڄ ٻئي اڳوان، ڊانڊي ڪُٽير ۽ ٻين اِتهاسڪ هنڌن جي ياترا ڪندا. ڪلهه هڪ ٽوِيٽ ۾ شري مودي چيو ته ڀارت، جپان سان پنهنجي رشتن جو حقيقي قدر ڪري ٿو ۽ گھڻن ئي حلقن ۾ باهمي رشتن کي اڳتي وڌائڻ بابت ڏسي رهيو آهي