ڪاٺمنڊو ۾ ڀارتي سفارتخاني ڪائونسلر ڪئمپن جو اِنتظام ڪرايو

ڪاٺمنڊو ۾ ڀارتي سفارتخاني 7 کان 10 سيپٽمبر درميان ڀئرهوا، بُٽول ۽ ڀرتپوُر ۾ ڪائونسل ڪئمپن جو اِنتظام ڪرايو. اِنهن ڪئمپن ۾ 600 کان وڌيڪ ڀارتين کي داخلا سيوائون ميسر ڪرايون ويون، جيڪي اِنهن  شهرن ۽ آس پاس جي علائقن ۾ رهي رهيا آهن. ڪئمپن ۾ ٻين ڪائونسلر سيوائن بابت پڻ خبرچار ۽ صلاح مصحلت ڏني ويئي

اِنهن ڪئمپن جو اِنتظام ڀئرهوا چئمبرس آف ڪامرس، بُٽول چئمبرس آف ڪامرس ۽ ڀرتپور ميڊيڪل ڪاليج جي ويجھي سهڪار سان ڪرايو ويو. ڪئمپن کي سؤڀائتو بڻائڻ ۾ آءِ.سي.اي.اين. پڻ يوگدان ڏنو. 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي پوکرا ۾ ساڳيون ڪئمپون لڳايون وينديون