آبهوا کاتي، اڄ شمالي اوڙيسا ۾ تيز برسات بابت آگاه ڪيو آهي

آبهوا کاتي، بنگال جي کاڙي جي اُتر ۾ گھٽ دٻاءَ جي اثر هيٺ اوڙيسا ۾ اڄ اورڪ برسات ٿيڻ جو چتاءُ ڏنو آهي

ڀونيشور واري آبهوا کاتي چيو ته بنگال جي کاڙيءَ جي شمالي حصي تي مٿئين هوا جي طوفاني گھماوَ ڪري سندس پاڙي ۾ گھٽ دٻاءُ پئدا ٿيڻ ڪري، کاڙيءَ جي مٿان ۽ جنوبي بنگلاديش ۾ زبردست برسات پوندي. خبر مطابق، ايراضيءَ ۾ 40 کان 45 ڪلوميٽرن جي رفتار سان هوا هلي سگھي ٿي. مهاڻن کي صلاح ڏني ويئي آهي ته اُهي سمنڊ ڏانهن وڃڻ جو جوکو نه کڻن