اعليٰ فوجي سپهسالارن مُلڪ جي سلامتي للڪارن تي غور ڪيو

اعليٰ فوجي سپهسالارن مُلڪ جي سلامتي للڪارن تي غور ڪيو، جنهن ۾ چيِن سان لڳندڙ سرحد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي سلامتي حالتون شامل آهن

سرڪاري ذريعن چيو ته سومر ڏينهن نئي دهليءَ ۾، هفتو سانده اعليٰ فوجي عملدارن جي ڪانفرند جي پهرئين ڏينهن تي دانهن ۽ دک دردن سوُڌو فوج جي اندروني ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو

ڪانفرنس، اِنساني وسيلن جي سار سنڀال ۽ فوجن جي بهبوديءَ تي به غور ڪندي. وزير دفاع نرملا سيٿارمن اُميد ته اڄ، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي. هندستاني فضائيه واري فوج جي اعليٰ عملدارن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس به اڄ شروع ٿيندي، جنهن ۾، علائقي ۾بدلجندڙ سلامتي حالت جو جائزو ورتو ويندو