فيفا يوُ-17 (17 سالن کان گھٽ عمر وارا) عالمي ڪپ: اِنگلئنڊ، ميڪسيڪو کي هارايو؛ ۽ عراق، چلي کي مات ڏني

ڪولڪتا ۾، ڪلهه، يوُ-17 فيفا عالمي ڪپ جي راندين ۾ اِنگلئنڊ، ايف گروپ جي هڪ راند ۾ ميڪسيڪو کي هارائي ناڪائوٽ (ٻاهر ڪرڻ) مرحلي تي پهتو آهي

ايف گروپ جي ٻئين راند ۾، عراق، چليءَ کي 0-3 تان شڪست ڏني. گروپ ايِ جي ٽڪراون ۾، فرانس 1-2 تان جپان کي مات ڏني. جڏهن ته هانڊوراس، نيو ڪيليڊونيا کي 0-5 تان شڪست ڏني

اڄ، 8 وڳي، ڀارت، زندگي ۽ موت جو مقابلو ڪندڙ اي گروپ جي آخرين راند ۾، نئي دهليءَ جي جواهرلال نهرو اِسٽيڊيم ۾، گھانا سان مقابلو ڪندو