مرڪزي ڪابينا، ستين پگهار ڪميشن جا فائدا، يونيورسٽين، تڪنيڪي اِدارن ۽ مدد حاصل ڪندڙ ڪاليجن جي اُستادن ۽ ٻين تعليم سان وابسطه عملدارن لاءِ منظور ڪيا؛ پڻ هُنري اوسر لاءِ ٻه رٿون منظور ڪيون

مرڪزي ڪابينا، ستين پگهار ڪميشن جا فائدا، مرڪز ۽ صوبن جي يونيورسٽين، تڪنيڪي اِدارن ۽ مدد حاصل ڪندڙ ڪاليجن جي اُستادن ۽ ٻين تعليم سان وابسطه عملدارن لاءِ منظور ڪيا؛ پڻ هُنري اوسر لاءِ ٻه رٿون منظور ڪيون. کين اِهي فائدا 1 جنوري 2016 کان ملندا. اِن قدم سان، مرڪز تي سالياني اٽڪل 9800 ڪروڙ رپيا چٽي پوندي. اِن فيصلي سان، ساڍن ستن لکن کان وڌيڪ ماسترن کي فائدو نصيب ٿيندو

گڏجاڻيءَ کان پوءِ نئي دهليءَ ۾، اخباروارن سان ڳالهائيندي، اِنساني وسيلن جي اوسر واري وزير پرڪاش جاوڊيڪر چيو ته نئين پگھار ماپي تي اُستادن جون پگھارون 10 کان 50 هزار رپين تائين وڌنديون. هن چيو ته اِن سان اُستادن کي نه فقط اِنصاف ملندو پر، اِن سان نئين ڏات وارن ڇڪي سگھبو