هڪ لک نوجوانن کي، ڪم تي رهندي، جپان ۾ تربيت ملندي: ڌرميندر پرڌان

ڀارت، هڪ لک نوجوانن کي ڪم تي رهندي، 3 کان 5 سالن تائين سرڪار جي هُنري اوسر واري پروگرام جي حصي طور، جپان موڪليندي. ٽويٽس جي ڪڙيءَ ۾ هُنري اوسر ۽ اُدم واري وزير ڌرميندر پرڌان چيو ته اِنهن هندستاني تڪنيڪي سيکراٽن جي هُنري تربيت ڏيڻ جو خرچ جپان هموار ڪندو

وزير چيو ته ڪابينا تعاون واري مفاهمتي چٺي تي صحيح ڪري منظوري ڏني آهي. اِن موجب، سيکراٽن کي تڪنيڪي تربيت نصيب ٿيندي. اِهو مفاهمتي چٺو وزير جو 16 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ٽوڪيو جي 3 ڏينهن واري دوري دوران، صحيح ڪيو ويندو