هماچل پرديش جي 68 اَسيمبلي ڪائونسل سيٽن لاءِ چونڊون شروع ٿيون

هماچل پرديش جي 68 اَسيمبلي سيٽن لاءِ اَڄ چونڊون شروع ٿيون آهن، جيڪي هڪ ڏينهن ۾ ڪرايون وينديون. چونڊون صبح جو 8 بجي کان شروع ٿيون آهن ۽ شام جو 5 وڳي تائين هلنديون

چونڊن ۾ 337 اُميدوار آهن، تنهن ۾ 19 عورتون پڻ آهن، اِنهن چونڊن ۾ 50 لک کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي حق جو اِستعمال ڪندا

پهريون ڀيرو چونڊن ۾ اِليڪٽرانِڪ ووٽنگ مشين سان گڏ ووٽر پاڻ تصديق ڪندڙ ڪاغذ يعنيٰ وي.وي.پي.اي.ٽيِ. کي ڪتب آندو ويندو. ووٽن جي ڳڻپ ايندڙ مهني جي 18 تاريخ تي ڪئي ويندي