جي.ايس.ٽي. ڪائونسل جو مڪمل ميڙ اَڄ گواهاٽيءَ ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ جي.ايس.ٽي. تي عمل جي پهرين سماهيءَ جي اَثر جو جائزو ورتو ويندو

مرڪزي مالي وزير اَروڻ جيٽليءَ جي سربراهيءَ ۾ جي.ايس.ٽي. ڪائونسل ۾ مڪمل ميڙ اَڄ گواهاٽيءَ ۾ ٿي رهيو آهي. ڪائونسل اِن نئين ڍلن واري سرشتي جي پهرين مهنن دوران ٿيل تعميل جي اَثرن جو جائزو وٺندي

آسام يج مالي وزير بِسوَ سرما چيو ته اِها ميٽنگ اَهميت ڀري آهي، ڇو جو اُن ۾ نئين ڍلن واري سرشتي جي پهرين ٽن مهنن دوران تعميل جو جائزو ورتو ٿو وڃي

ميٽنگ ۾ گھڻو ڪري ننڍن واپارين کي جي.ايس.ٽي. کان ڇوٽ ڏيڻ، ايم.آر.پي. سان واسطيدار معاملا ۽ نئين سرشتي جي ننڍي پئماني وارن ڪارخانن تي اَثر وارن مدن تي غور ڪيو ويندو