دهليءَ کي سانده ڪوهيڙي واري حالت مان راحت ملي، گھڻن ئي هنڌن تي روشنيءَ ۾ سُڌارو

دهليءَ کي سانده ڪوهيڙي واري حالت مان ڪجھ راحت ملي آهي. گھڻن ئي هنڌن تي گذريل چئن ڏينهن جي ڀيٽ ۾ روشنيءَ ۾ سُڌارو رهيو. اَڄ صبح جو گھڻن هنڌن تي 500 کان 1000 ميٽرن تائين صاف ڏسڻ ۾ آيو پئي. منگل کانپوءِ ڪلهه پهريون دفعو هوا ۾ آلودگيءَ جي سطح به گھٽي

راڄڌاني دهليءَ ۾ هن هفتي صبح جو ڪوهيڙو ڇانيل پئي رهيو، جنهن سبب اَختياريءَ وارن اِسڪولن بند رکڻ ۽ ٻين ڪِن زوردار اُپائن جي پڌرائي ڪئي

اِن وچ ۾، مرڪزي سرڪار، ماحول کاتي جي سيڪريٽري مِشرا جي سربراهيءَ ۾ ستن ميمبرن واري ڪاميٽي قائم ڪئي آهي، جيڪا هوا جي آلودگيءَ سان نپٽڻ لاءِ ننڍي عرصي ۽ وڏي عرصي وارا اُپاءَ ڏسيندي