وزير اَعظم مودي 12 نومبر تي ٽِن ڏينهن جي فِليپينس ياترا تي ويندو

هن مهني جي 12 تاريخ تي وزير اَعظم ٽِن ڏينهن جي فِليپينس جي راڄڌاني مانيلا جي ياترا تي ويندو. پرڏيهي وزرات ۾ اوڀر معاملن جي سيڪريٽري پريتي سارن وسپت ڏينهن نئي دهليءَ ۾ اَخبار نويسن کي ٻڌايو ته شري مودي 25 ڀارت-ايسيان گڏجاڻيءَ ۾ حصو وٺندو اِنهيءَ کان اَلاوا 12 اوڀر ايشيا گڏجاڻيءَ ۾ پڻ شريڪ ٿيندو. هُن چيو ته ياترا جو مقصد آهي ايسيان مُلڪن سان ڀارت جي رشتن کي وڌيڪ سگھارو بڻائڻ. هن مهني جي 14 تاريخ ڀارت-ايسيان گڏجاڻي ۽ اوڀر ايشيا سمِٽ ٿيڻ واريون آهن