دهليءَ ۽ ڀر وارين ايراضين ۾ اَڄ ڪوهيڙي جي حالت ۾ ٿورو سُڌارو آيو پر هوا جو معيار اَڃا به خراب آهي

 

دهليءَ ۽ ڀر وارين ايراضين ۾ اَڄ ڪوهيڙي جي حالت ۾ ٿورو سُڌارو آيو پر هوا جو معيار اَڃا به خراب آهي. غلاظتن کي ڪنٽرول ڪندڙ مرڪزي بورڊ چيو آهي ته اَڄ صبح جو 6 بجي هوا جو معيار 479 هو

هوا جي معيار جي ماپ 0 کان 500 جي حد اندر ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ 500 کي تمام خراب هوا جو معيار ليکيو ويندو آهي. آبهوا محڪمي جي چوڻ موجب اَڄ صبح جو 5.30 بجي 300 کان 500 ميٽرن تائين نظر پئي آيو. اُن چيو آهي ته اَڄ ڏينهن دوران آسمان صاف رهندو، جنهن سان دهليءَ ۽ ڀر وارين ايراضين ۾ ڪوهيڙي جي هاڻوڪي حالت شايد صاف ٿي وڃي. آهستي هوا هلڻ، تمام گھڻي گھم ۽ غلاظتن جي ڪري، گذريل هفتي دوران ڪوهيڙي جھڙي حالت رهي آهي