سُشما سوراج پڪ ڏني ته بنگلاديش هندو مظلومن جي مدد ڪندو

بنگلاديش ڀارت کي آٿت ڏنو آهي ته جن هندن جا گھر ساڙيا ويا آهن تن کي معاوضو ڀري ڏنو ويندو جو هڪ اَفواه جي آڌار تي هندن جا گھر ساڙيا ويا آهن

پرڏيهي وزير سُشما سوراج اَڄ هڪ ٽويٽ ۾ چيو ته بنگلاديش اَختيارين دلاسو ڏنو آهي ته متاثر ماڻهن کي سرکشا ميسر ڪرائي ويندي. اڳ ۾ وزير ڊاڪا ۾ ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي، اِهو مُدو بنگلاديش سرڪار سان کڻڻ لاءِ چيو