نقوي : حج جا زيارتي، مُلڪ جي الڳه الڳه هنڌن تان هوائي رستي سعودي عرب وڃي سگھندا

مرڪزي ٿورائيءَ وارن جي معاملن جي وزير عباس نقويءَ پڌرائي ڪئي آهي ته حج تي ويندڙ زيارتي، هاڻي ديش جي الڳه الڳه هنڌن تان، هوائي رستي سعودي عرب وڃي سگھندا. اِها سهوليت 15 نومبر کان عمل ۾ ايندي. شري نقويءَ چيو ته ممبئي، دهلي ۽ ڪلڪتي مان ويندڙ زيارتين کي اِهو سفر ڪفائتي پوندو

وزير وڌيڪ چيو ته اِن لاءِ ماڻهو پنهجون درخواستون هٿون هٿ ڏيئي سگھن ٿا يا اِنٽرنيٽ ذريعي رجيسٽريشن ڪرائي سگھن ٿا ۽ پئسا جمع ڪرائڻ جي پڻ ساڳي سهوليت ٿيندي. سرڪار اِهو ڪم مهنو اڳ ۾ شروع ڪيو ته جيئن، زيارتين کي تياريون ڪرڻ جو وڌيڪ وقت ملي