وزير اعظم مودي پنهنجي آسٽريلين ثاني مالڪوم ٽرنبُل سان باهمي ڳالهيون ڪيون؛ اڄ 12 اوڀر ايشيا سَمِٽ ۽ 15 آسيان-ڀارت سَمِٽ ۾ شريڪ ٿيندو

وزير اعظم نريندر مودي پنهنجي آسٽريلين ثاني مالڪوم ٽرنبُل سان ٻطرفيون ڳالهيون ڪيون. مختصر گڏجاڻيءَ دوران ڌرين باهمي فائدن تي ڳالهيون ڪيون، تنهن ۾ علائقائي، عالمي ۽ ٻطرفا مُدا اچي وڃن ٿا. ٻنهي اڳوانن گھڻن ئي حلقن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ بابت بحث مباحثو ڪيو

شري مودي وئتنام جي صدر سان پڻ ڳالهيون ڪيون. شري مودي جپان ۽ نيوزيلئنڊ جي وزير اعظمن ۽ برونيءَ جي سلطان سان ڳالهيون ڪندو

اڄ منيلا ۾ وزير اعظم نريندر مودي 12 اوڀر ايشيا گڏجاڻي ۽ 15 آسيان-ڀارت سَمِٽ ۾ شريڪ ٿيندو