يوُ.اين. ثقافتي اِداري کي امريڪا پاران ڇڏڻ واري فيصلي کي نئين يونيسڪو اڳوان گھڻي اهميت ڪونه ڏني

امريڪا پاران يوُ.اين. ثقافتي اِداري کي ڇڏڻ جي فيصلي کي نئين يونيسڪو اڳوان گھڻي اهميت ڪونه ڏيندي چيو ته اِهو اِدارو اڳ ۾ پڻ، بنا واشنگٽن جي زنده رهيو آهي

جمع ڏهاڙي فرانس جي اڳوڻي ثقافتي وزير آدري ازولي کي يونيسڪو جو اڳوان ڪري چونڊيو ويو، تنهن چيو ته امريڪا، ڪو اِنهيءَ اِداري جي شروعات ۽ پڇاڙي ڪونه آهي