ٽِلرسن، روهنگيا بحران بابت ميانمار ۾ چتاءُ جاري ڪندو  

ميانمار ۾، روهنگيا عوام تي ٿيندڙ تمام گھڻن ظلمن جي مد نظر اَمريڪا، اُن مُلڪ جي فوج مٿان آهستي آهستي دٻاءُ وڌائي رهي آهي. ساڳئي وقت اِها به خبرداري رکي پيئي وڃي ته آئونگ سانگ سوُ ڪِي جي غير فوجي سرڪار خطري ۾ نه پوي

اَمريڪا هن علائقي ۾ وڌيڪ سرگرم رول اَدا ڪري رهي آهي ۽ ويجھڙائي ۾ ڪيتريون اَمريڪي سفارتون هتي آيون آهن. اَمريڪا جي پرڏيهي معاملن جو سيڪريٽري ريڪس ٽِلرسن، ميانمار جي اَڳوان سوُ ڪِي ۽ بري فوج جي سربراه جنرل مِن آئونگ هِلينگ سان ملڻ لاءِ ٻڌر ڏينهن ميانمار جو دؤرو ڪري رهيو آهي

ٽِلرسن گھڻو ڪري اُتان جي فوجي اَڳوانن ڏانهن سخت رُخ اَپنائيندو، جن کي هوُ روهنگيائي بحران لاءِ جوابدار ٿو سمجھي