ڀارت، گھڻو ڪري ايندڙ 10 سالن ۾ مضبوط ترقي حاصل ڪندو

ڀارت گھڻو ڪري ايندڙ 10 سالن ۾ مضبوط ترقي حاصل ڪندو ۽ 2022 تائين جُملي ڏيهي پئداوار جي سلسلي ۾ جپان کان گوءِ کڻي ويندو ۽ دنيا جي ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏي اِقتصاديت بڻجندو

بئنڪ آف اَمريڪا جي ڀارت 2028 جي سِري سان مئرل لِنچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت اَڳيئي، برازيل ۽ روُس کي پٺتي ڇڏي برِيڪس مُلڪن ۾ چين کانپوءِ ٻيون نمبر وڏي اِقتصاديت بڻيو آهي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت، فرانس ۽ جرمنيءَ کان اڳتي نڪري ويندو ۽ 2028 تائين جُملي ڏيهي پئداوار جي سلسلي ۾، جپان ۽ جرمني کي پٺتي ڇڏي ويندو