ڀارت جو 37 عالمي واپاري ميلو اَڄ کان نئي دهليءَ ۾ شروع ٿي رهيو آهي

ڀارت جو 37 عالمي واپاري ميلو اَڄ کان نئي دهليءَ جي پرگتي ميدان تي شروع ٿي رهيو آهي

ڀارت جي تجارت کي هٿي وٺائيندڙ تنظيم، چوڏهن ڏينهن جو اِهو ميلو منتظم ڪندي آهي. هن سال ميلي جو موضوع آهي : اِسٽارٽ اَپ اِنڊيا اِسٽئنڊ اَپ اِنڊيا. وئيتنام ڀائيواري مُلڪ آهي، جڏهن ته ڪِرگِستان کي خاص جاءِ ڏني ويئي آهي. جھارکنڊ اِن ميلي ۾ ڀائيوار صوبي طور حصو وٺي رهيو آهي

ٻاويهن مُلڪن مان اَٽڪل 7000 حصو وٺندڙ آهن، جيڪي پنهنجين قسمين قسمين شين جي نمائش ڪندا