ڏهين ڏکڻ ايشيائي سمِٽ اَڄ کان ڪاٺمنڊو ۾ شروع ٿي رهي آهي

ڏهين ڏکڻ ايشيائي سمِٽ اَڄ کان ڪاٺمنڊو ۾ شروع ٿي رهي آهي. ٽِن ڏينهن واري سمِٽ جو موضوع آهي : ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار ترقيءَ واسطي مضبوط اِقتصادي اِتحاد

قومي پلاننگ ڪميشن، نيپال جي تجارت وزرات ۽ نيپال جي تجارت، اِقتصاديت ۽ آبهوا بابت ڏکڻ ايشيائي نظرداري تنظيم گڏجي اِها سمِٽ منتظم ڪري رهي آهي

نيپال جي قومي پلاننگ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر سورنِم واگھلي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته سمِٽ ۾، ڏکڻ ايشيا جي ترقيءَ تي خاص ڌيان کُپايو ويندو. هُن چيو ته 200 ڄڻا اُن ۾ حصو وٺندا