” بنگلاديشي پرڏيهي وزير جي ياترا ۽ ڀارت بنگلاديش لاڳاپا “

بنگلاديش جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبدل مومن جي اڳواڻيءَ ۾ بالاسطح واري سفارت گڏيل صلاحڪاري ڪميٽين جي پنجين گڏجاڻيءَ ۾ بهرو وٺڻ لاءِ نئي دهليءَ آئي. اُها ڪميشن ڀارت بنگلا ٻه طرفن لاڳاپن جي باريڪيءَ سان رهبري ڪندڙ وزارتي سطح واري صلاحڪار تنظيم آهي. ٻنهي ملڪن باهمي سروڪار وارن معاملن تي خيالن جي ڏيوٺ ڪئي ۽ ڪجھ مفاهمت ناما به صحيح ڪيا. ڍاڪا ۾ نئي سرڪار جي اچڻ بعد، بنگلاديشي پرڏيهي وزير جو ڀارت جو اهو پهريون دورو هو

بنگلاديش ۽ ڀارت جا پاڻ م تمام ويجھا لاڳاپا آهن. اُتي 1991 ۾ واپس جمهوريت قائم ٿيڻ بعد باهمي لاڳاپن ۾ ساندھ واڌارو ٿيندو رهيو آهي. انڪري وزيراعظم شيخ حسينا جي ٽيون دفعو وزيراعظم ٿيڻ سان موجوده لاڳاپن جي وڌيڪ پختن بڻجڻ جي خاطري ٿي آهي. محترمه حسينا جي آئينده ڏي نهارڻ واري نظر، هن جو بنگلاديشي اقتصاديت کي نئون موڙ ڏيڻ جو عزم ۽ ڀارت سان باهمي طرح فيضمند لاڳاپن کي اڃا ترقي وٺائڻ جي سندس ڪوشش باهمي لاڳاپن کي چوٽيءَ تي رسائڻ جون اُميدون جاڳائي ٿي

ڀارت ۽ بنگلاديش جون ڪيترن ئي معاملن ۾ هڪ جھڙيون دلچسپيون آهن. ان معنيٰ ڀرئي لاڳاپي جو بنياد تڏهن پيو هو، جڏهن شيخ حسينا 2009 ۾ وزيراعظم جي عهدي سنڀالڻ بعد اُتر اوڀر وارن باغي اڳوانن جي ٻانهن ڀارت جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هُوءَ پاڻ به دهشت گرديءَ جو شڪار رهي آهي ۽ 2004 ۾ سندس رئليءَ تي ٿيل موتمار حملي مان بچي نڪتي هئي. سال 2005 ۾ ملڪ جي 64 ضلعن مان 63 ضلعن ۾ هڪ ئي وقت بمبازي ٿي هئي ۽ پڻ جماعت ال مجاهدين بنگلاديش نالي تنظيم طرفان عدالتن تي، آتم گھاتي حملا به ڪرايا ويا هئا. هن کان اڳ واري سرڪار جماعت مجاهدين ۽ اُنهن جي سرپرست تنظيم ‘بنگلاڀائي’ سان ڀال به ڀلايا هئا. انڪري اُن وقت ڪنهنکي به عجب نه لڳو جڏهن وزيراعظم حسينا اهو ظاهر ڪيو ته دهشتگردي بلڪل بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي ۽ دهشت گرد گروپن کي بلڪل ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. بيگم شيخ حسينا ڀارت سان سهڪار ڪرڻ لاءِ بيحد چاهنا رکندڙ آهي. ڀارت ۽ بنگلاديش دهشتگرديءَ جي مقابلي ۾ پاڻ ۾ جاندار سهڪار رکيو ويٺا آهن، جيڪو جاسوسي خبرچار هڪ ٻئي کي ڏيڻ ۽ دهشتگرديءَ خلاف گڏيل مشقن جي صورت ۾ آهي

ٻنهي ملڪن ڪاميابيءَ سان سرحدي نشان بندي ڪئي آهي. ٻنهي ملڪن سرحد تي پهريداريءَ جي ڏس ۾ به گڏيل بندوبست رکيو آهي. ٻيئي ملڪ هن وقت سلامتي عملي جي سگھ وڌائڻ جي ڪوششن ۾ به لڳل آهن

ٻنهي باهمي ڳانڍاپي وارين واٽن لاءِ به فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان واپار ۽ اقتصاديت جي ترقيءَ م فائدو رسندو، ٻنهي ملڪن وچـ۾ 1965 کان اڳ جيڪي سڙڪن ۽ ريلوي وارا سرشتا هئا، سي وري چالو ڪرڻ لاءِ ڀارت بنگلاديش کي 8 بلين اميريڪي ڊالرن جي اوڌر ڏني آهي. ڀارت اُن کي 660 ميگاواٽ بجلي سپلاءِ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي

ٻنهي ديسن نئين ريلوي سيوا به شروع ڪئي آهي جنهن ۾ ڪسٽمس ۽ مهاجرت وارن ڪمن کي به سوَلو بڻايو ويو آهي

ٻنهي ملڪن جا پاڻ ۾ جاندار لاڳاپا ته آهن پر ڪي معاملا للڪارون پئدا ڪندڙ به آهن. روهنگيئا واري معاملي ۽ تيستا نديءَ جي پاڻيءَ جي وڙڇ وارن معاملن کي ترت حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. بنگلاديشي وزير، پرڌان منتري موديءَ سان ملاقات وقت هن کان روهنگيئا واري معاملي جي ترت حل لاءِ مدد گھري

ٻنهي ملڪن پاڻ ۾ معنيٰ ڀريو لاڳاپو قائم ڪرڻ لاءِ، پراڻيون مشڪلاتون لتاڙي اڳتي قدم وڌايو آهي. اُنهن ۾ للڪارن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت آهي. پاڻ ۾ باهمي وشواس ۽ سياسي پختي ارادي سان، ڀارت ۽ بنگلاديش نئون اِتهاس رچڻ وارا آهن. بنگلاديش جي پرڏيهي وزير جي ڀارت ياترا ۾ ان تي ئي زور رهيو هو

تحرير : ڊاڪٽر سمرتي ايس. پٽنائيڪ

ترجمو : هيمن ڀاٽيا