مرڪزُ ٽيڻي (3) طلاق بابت قانون سازيءَ تي پُختي‐پير؛ چِٽ فنڊ گھوٽالي ۾ واسطيدارن کي نه بخشيو ويندو : پرڌان منتري

پرڌان منتري نريندر موديءَ پختگيءَ سان چيو آهي ته مرڪزُ ٽيڻي طلاق بابت قانون کي عمل ۾ آڻڻ تان پٺتي نه موٽندو. جمعي ڏينهن اولھ بنگال جي موئناگُريءَ ۾ عام ميڙ ۾ ڳالهائيندي شري موديءَ چيو ته سندس سرڪار مسلم عورتن کي سماجي انصاف ڏيڻ لاءِ عزم ٻڌي آهي. ان سلسلي ۾ ڪانگريس تي نقطه چيني ڪندي هن چيو ته اها پارٽي نه فقط پارليامينٽ ۾ ان بل جي پاس ٿيڻ جي مخالفت ڪري رهي آهي، پر ائين به چوي ٿي ته لوڪ سڀا جي چونڊن بعد اگر اختياريءَ تي آئي ته اهو قانون واپس وٺرائيندي

شري موديءَ اولھ بينگال جي وڏي وزير طرفان، چٽ فنڊ واري گھوٽالي ۾ سي.بي.آءِ. جي کنيل قدم خلاف ڪلڪتي ۾ ڏنل ڌرڻي لاءِ هن تي نقط چيني ڪئي. هُن ممتا بئنرجيءَ تي، گھوٽالي ۾ ملزمن جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ نقط چيني ڪئي ۽ چتاءُ ڏنائين ته شاردا، ناردا ۽ روزوئلي چٽ فنڊ گھوٽالن سان واسطو رکندڙن کي نه بخشيو ويندو، ڀلي ڪھڙن به وڏن عهدن تي هجن