ٿائي شهزاديءَ جو سياسي کيتر ۾ غيررواجي قدم، جو وزيراعظم جي عهدي لاءِ چونڊ لڙندي

ٿائيلينڊ ۾ هڪ شهزادي 24 مارچ وارين چونڊن ۾ وزيراعظم جي عهدي لاءِ چونڊ لڙندي، جيڪا ڳالھ غيررواجي آهي شاهي خاندان جو شخص سياست ۾ هن طرح پير رکندو. ان سان هُوءَ حڪمران جنتا جي سربراھ سان مقابل ٿيندي ۽ ملڪ جو سياسي منظر ئي بدلجي ويندو

ستهٺ سالن جي عمر واري ٿائي شهزادي اُبول رتنا جيڪي ٿائلينڊ جي راجا مها وجِرلونگڪورن جي وڏي ڀيڻ آهي، تنهن لاءِ ظاهر ڪيو ويو ته هُوءَ ٿائي رڪشا چرت پارٽيءَ طرفان چونڊ لڙندي

ٿائي رڪشا چرت پارٽيءَ جي اڳوان پونگ پانيچ اخبار وارن کي ٻڌايو ته شهزادي اُبول رتنا تعليم يافته ۽ هنرمند آهي ۽ بيحد لائق چونڊ ثابت ٿيندي

ٿائي شاهي خاندان جيڪو بيحد عزت ماب ليکبو آهي، سو روايتي طور سياسي سرگرميءَ کان مٿتي رهندو آهي، جيتوڻيڪ، شاهي خاندان وارا، سياسي بحران وارين گھڙين ۾ وچ ۾ پوندا به آهن