” ڀارت ‐ مونئڪو لاڳاپا اوچائيءَ ڏي “

مونئڪو رياست جو سربراھ شهزادو البرٽ ٻيون ڀارت جي پهريون دفعو ياترا تي آهي. جيتوڻيڪ ٻنهي وچ ۾ لاڳاپا ته لنبي عرصي کان هئا، پر اُنهن سفارتي لاڳاپا 2007 ۾ قائم ڪيا. مونئڪو اولھ يورپ ۾ فرينچ رِويرا وٽ آزاد، ننڍي شهري رياست آهي. اُن جون ٽن پاسي سرحدون فرانس سان ۽ چوٿين سرحد ڀونوِچ سمنڊ سان آهي. وئٽيڪن سِٽيءَ بعد، اُهو دنيا جو ٻيون ننڍي ۾ ننڍو ملڪ آهي. گريمالدي نالي گھرائي جي اُن تي 600 سالن کان وڌيڪ جي حڪمراني رهي آهي. مونئڪو 1993 ۾ متحد جماعت جو مڪمل طرح ميمبر بڻيو ۽ اُن کي ووٽنگ جو حق به مليو. جيتوڻيڪ اُهو آزاد ۽ جدا پرڏيهي نيتيءَ وارو ملڪ آهي، پر اُهو پنهنجي بچاءَ لاءِ فرانس تي آڌار رکندڙ آهي. جيتوڻيڪ اُهو يورپي يونين جو ميمبر نه آهي، پر ڪسٽمس ۽ سرحد تي ڪنٽرول جي ڏس ۾ اُهو يورپي يونين جي ڪن پاليسين تي عمل ڪندو آهي، جنهن سان ان ملڪ جو واپار وڌيو آهي. فرانس سان لاڳاپي جي مدنظر مونئڪو پنهنجي سڪي طور به يورو کي استعمال ڪندو آهي

ڀونوِچ سمنڊ ۽ فرانس سان ويجھڙائيءَ سبب اُن جي اقتصاديت، سئروسفر، صنعتن، واپار، بئنڪ ڪاروبار ۽ ملڪيتن‐جائدادن وارن پنجن ٿنڀن تي بيٺل آهي. ڏهاڪن سالن کان مونئڪو سئرسفر جي هنڌن سبب دنيا ۾ مشهور آهي ۽ مونت ڪارلو جا ڪاسينو يعني جوئا گھر ته هر هنڌ مشهور آهن. ملڪ ۾ انڪم ٽئڪس نه هجڻ سبب دنيا جا وڏا وڏا شاهوڪار اُتي ملڪيتون وٺن ٿا ۽ رهن ٿا، جنهنڪري دنيا جا گھڻي ۾ گھڻا شاهوڪارترين ماڻهو اُتي رهن ٿا

شهزادي البرٽ ٻئين جو دورو ڀارت ۽ مونئڪو وچـ۾ ٻه طرفا لاڳاپن کي مضبوط ڪندو ۽ واپار ۽ سيڙپن کي زور وٺائيندو، جيڪي هن وقت هيٺين سطح تي آهن. هو ويهن ڄڻن واري واپاري سفارت وٺي آيو آهي، جيڪا سئرسفر، مهمانداري، درياهي ٻيڙن ۽ خانگي جيٽ جھاز ٺاهڻ، خبرچار ٽيڪنالاجي، اهڙي ٽيڪنالاجيءَ کي وڌائڻ لاءِ گھربل ڳالهين لاءِ واسطيدار ڀارتي وفدن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي. ياترا دوران شهزادي ڀارت‐ مونئڪو تجارتي فورم جي ميٽنگ ۾ بهرو ورتو جنهن بعد اِنرجي ۽ آبهوائي تبديل واري موضوع تي گول ميز ڪانفرنس ۾ به بهرو ورتائين

شهزادي البرٽ جي آجيان ڪندي، راشٽرپتي ڪووند چيو ته ڀارت ۽ مونئڪو جا پاڻ ۾ هميشه وشواس، دوستي ۽ هڪ ٻئي لاءِ فيضمند سهڪار وارا ناتا رهيا آهن. شهزادي جي هن وقت واري ياترا ۾ مقصد موجوده لاڳاپن کي اڃا وڌيڪ اوچين نين اُتاهين تي کڻي وڃڻ جو آهي راشٽرپتيءَ چيو ته اسان کي ترجيعن وارن واپاري حلقن ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ گھرجي ۽ مونئڪو جون ٽيڪنالاجيءَ ۽ سيڙپن واريون ڪمپنيون ڀارت جي واڌاري مان چڱو چوکو فائدو حاصل ڪري سگھن ٿيون. جيتوڻيڪ ڀارت‐ مونئڪو لاڳاپا سٺيءَ طرح هلي رهيا آهن، پر اُنهن جي اڃا وڌڻ لاءِ صلاحيت آهي

پرڌان منتري موديءَ، شهزادي البرٽ سان گھڻن ئي موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ۽ خاص طور اِنرجي ۽ آبهوا ۾ تبديل واري ڳالھ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچـ۾ سهڪار تي ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين

پرڏيهي معاملن جي وزير سشما سوراج، ماحول، خاص طور ورجائي ڪم آڻڻ لائق اِنرجي، ڀارت ۾ سيڙپن، سئرسفر، عوامي لاڳاپن وغيره وشين تي شهزادي سان ڳالهيون ڪيون

شهزادي البرٽ ٻئين ماحول جي بچاءَ جي مقصد سان 2006 ۾ پنهنجي نالي سان هڪ فائونڊيشن برپا ڪئي هئي. اُن فائونڊيشن، اِنرجي، ماحول، آبهوا، ذريعن جي قابليت ۽ زراعت کي جٽادار رکندو اچڻ وارن مقصدن سان ٽي.اي.آر.آءِ. نالي تنظيم سان مفاهمت نامو صحيح ڪيو آهي. ٽي.اي.آر.آءِ. جو چوڻ آهي ته اُهي انهن حلقن ۾ گڏيل رٿائن کي عمل ۾ آڻڻ جو مقصد به اپنائينديون

شهزادو البرٽ ٻيون نئي دهليءَ واري سرڪاري ياترا پوري ڪري، هاڻي راجسٿان جي خانگي دوري تي آهي، مونئڪو جي سربراھ جي دوري سبب، سمجھجي ٿو ته ڀارت جي يورپ سان لاڳاپن کي به ٻلُ ملندو

تحرير : پروفيسر اُم سلما باوا

ترجمو : هيرو ٺڪر