اميريڪي ايلچيءَ جي افغان چونڊن کان اڳ طالبان سان ڳالهين ذريعي امن لاءِ ڪوشش

اميريڪي ايلچي زالميه خليلزاد جيڪو طالبان سان ڳالهيون ڪندڙ سفارت جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، تنهن جمعي ڏينهن چيو ته هُو اميد ڪري ٿو ته افغانستان ۾ جولائي وارين صدارتي چونڊن کان اڳ امن وارو سمجھوتو ڪري وٺندو

خليلزاد، جيڪو تازو گذريل هفتن دوران طالبان سان ڳالهيون ڪندو رهيو آهي، تنهن ان تي زور ڏنو افغانستان مان اميريڪي فوجن جي نڪرڻ جو آڌار اُتان جي حقيقي حال تي رهندو، نه ڪنهن مخصوص ٽائيم ٽيبل تي

هو واشنگٽن ۾، اميريڪي امن واري انسٽيٽيوٽ ۾ ‘افغانستان ۾ امن جون اميدون’ موضوع تي خيالن جي ڏيوٺ دوران ڳالهائي رهيو هو

افغانستان ۾ اٽڪل 14000 اميريڪي فوجون اڃا رهيل آهن، صدر طرفان افغان جھڳڙي کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششن جي پس منظر ۾ خليلزاد ڪوششمند آهي

خليلزاد گذريل هفتي ‘امن جي پروگرام جو مسودو’ به پڌرو ڪيو هو، پر چتاءُ به ڏنو هئائين ته وڏيون رڪاوٽون اڃا آهن