پرڌان منتريءَ چيو ته ناگرڪپڻو پوريءَ جاچ جوچ ۽ علائقائي سرڪارين جي سفارش بعد ئي ڏنو ويندو  

پرڌان منتري نريندر موديءَ ڇنڇر ڏينهن آسام ۽ اُتر اوڀر جي ماڻهن کي خاطري ڏني ته ناگرڪپڻي جي قانون ۾ سڌارو آڻڻ واري بل سبب هنن جي مفاد کي ڪوبه دهرم نه رسندو. شري مودي آسام ۾ جانگساريءَ ۾ رئليءَ کي خطاب ڪري رهيو هو

هن چيو ته ناگرڪپڻو، ضروري جاچ جوچ ڪرڻ ۽ صوبائي سرڪارين جي سفارش بعد ئي ڏنو ويندو. پرڌان منتريءَ چيو ته سندس سرڪار جو اِهو عهد ڪيل آهي ته پاڙيسري ملڪن جا اهڙا ٿورائيءَ وارا، جن کي اُتي مٿن ٿيندڙ ظلمن سبب ملڪ ڇڏڻو ٿو پوي، تن کي پناھ ڏيڻي آهي

شري موديءَ چيو ته اين.ڊي.اي. سرڪار ڇٽيھ سال پراڻو آسام عهدنامو مقرر وقت اندر عمل ۾ آڻڻ لاءِ وچن ٻڌي آهي. هن چيو ته هو ڪنهنکي به ووٽ بئنڪ واري سياست سبب آسام مان غلط فائدو وٺڻ نه ڏيندو ۽ آسام واري عهدنامي کي فقط سندس سرڪار ئي پوريءَ طرح عمل ۾ آڻيندي

پرڌان منتريءَ ڪيترين رٿائن لاءِ بنيادي پٿر به رکيا جن ۾ برهمپتر نديءَ تي گواهاٽيءَ کي اُتر گواهاٽيءَ سان ڳنڍيندڙ 1600 ميٽر لنبي، ڇهن لائينن واري پل واري رٿا به آهي