پرڏيهي معاملن واري وزارت چيو ته پاڪستاني وزيراعظم هڪ دفعو وري ڏيکاريو آهي ته هو ڀارت جي سيڪيولر سياست ۽ اُن جي رخ روئين کي نه سمجھي سگھيو آهي

ڀارت پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي، اُن جي ٿورائيءَ وارن بابت بيانن کي ڀارت جي سمورن شهرين لاءِ بيحد خراب ۽ بي عزتيءَ ڀريو ڪري سڏيو آهي. اُن چيو ته پاڪستاني وزيراعظم ٿورائيءَ وارن جي جذبات سان کيڏڻ جي تازو جيڪي ڪوششون ڪيون آهن تن کي ڀارتي عوام رد ڪري ڇڏيندي

ميڊيا وارن جي جاچن جي جواب ۾ پرڏيهي معاملن واري وزارت جي نمائندي رويش ڪمار چيو ته پاڪستاني وزيراعظم جي بيانن ڏيکاريو آهي ته هو ڀارت جي سيڪيولر سياست ۽ اُن جي رخ‐روئين کي نه سمجھڻ ۾ اڃا به پٺتي رهندو پيو اچي

هن چيو ته عمران خان ان چٽي حقيقت کي نظرانداز ڪري رهيو آهي ته هتي سڀني ڌرمن جا ماڻهو هڪ ئي جمهوري سرشتي ۽ ڀارت جي ترقي پسند آئين هيٺ رهڻ پسند ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ سڀني مذهبن جا برک اڳواڻ آهن، جيڪي اوچ ترين آئيني ۽ سرڪاري عهدن تي آهن، جنهن جي اُبتـڙ پاڪستان ۾ غيراسلامي مذهب وارن کي اوچ آئيني عهدن تي اچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي. وڌيڪ چيائين ته پاڪستان لاءِ بهتر آهي ته پنهنجن ڏيهي للڪارن تي ڌيان کُپائي ۽ پنهنجن شهرين لاءِ حالتن کي سڌاري