پرڏيهي کاتي جي وزير، ڪپڙي واري وزارت کي خاطري ڏني آهي ته ڀارتي ريشمي ڪپڙي جي شين جي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ رسائيءَ لاءِ هرڪا مدد ڪئي ويندي

پرڏيهي معاملن واري وزير سشما سوراج ڪپڙي واري وزارت کي خاطري ڏني آهي ته ڀارتي ريشمي ڪپڙي وارين شين کي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ پھچ حاصل ٿئي، اِن سلسلي ۾ هرڪا مدد ڪئي ويندي

هن ڪالھ نئي دهليءَ ۾ ‘ ريشمي ڪپڙو، اُن لاءِ حاصلاتون ۽ اُن کي اڳتي وڌائڻ جا رستا’ موضوع تي هڪ ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ائين چيو

شريمتي سوراج، ڪپڙي وزارت جي وزير سمرتي ايرانيءَ کي خاطري ڏني ته سندس وزارت ريشمي مال واري ڌنڌي کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندي، جيڪو مال پنهنجي معيار ۽ مختلف ڊزائينن سبب مشهور آهي

شريمتي سوراج، شريمتي ايرانيءَ جي، 3000 ريشم سان واسطيدار مشينون قبائلي عورتن ۾ ورهائڻ جي به ساراھ ڪئي