ٿائيلنڊ جي شهزاديءَ جي ايندڙ وزيراعظم بڻجڻ جي ڪوشش اوچتو ختم

ٿائي شهزادي اُبولرتنا جي، ملڪ جي وزيراعظم بڻجڻ جي ڪوشش ڇنڇر ڏينهن اوچتو ختم ٿي ڇو ته سندس پارٽيءَ، بادشاھ طرفان اِن جي مخالفت ڪرڻ واري حڪم کي مڃڻ قبوليو

شهزاديءَ جي ڀاءُ، بادشاھ مهاوجرالونگڪورن طرفان ان قدم تي غصو ڪرڻ بعد، پارٽيءَ، اُبولرتنا جي، چونڊ لاءِ اميدوارپڻي کي روڪڻ جي پڌرائي ڪئي

ٿائيلنڊ جي بادشاھ چيو ته شاهي خاندان جي سينيئر ڀاتين کي سياست ۾ آڻڻ روايت جي خلاف ۽ بيحد غيرمناسب آهي

ٿائيلنڊ ۾ 24 مارچ تي چونڊون ٿيڻ واريون آهن ۽ ٿائي رڪساچرت پارٽيءَ، شهزاديءَ کي اميدوار بيهارڻ جي پڌرائي ڪئي هئي

ٿائيلنڊ ۾ آئيني ڍنگ واري بادشاهت آهي ۽ اُتي 1932 کان وٺي شاهي خاندان جو ڪوبه ڀاتي وڏي سياسي عهدي لاءِ چونڊن ۾ نه بيٺو آهي